چور تپ

چور تپ: ميڊيڪل سائنس موجب تپ/ بخار جا ڪيئي سبب ۽ قسم آهـن، پـر عـام مـاڻـهـن جـي مـشاهدي موجب ڪن بخارن جا نالا رکيل آهن، جيئن ٻيئڙ ۽ ٽيئڙ تپ. ائين ئي تپ جو هڪ قسم جو تپ سڏجي ٿو. جيڪڏهن رات جو تپ (بخار) ٿيندو آهي ته ان کي چور تپ چوندا آهن. ’چور تپ‘ لاءِ ڪي ساٺ سنوڻ ڪندا آهن. ان لاءِ ٻهراڙيءَ جا ماڻهو ڪنهن نالي واري چور کان ڌاڳو وٽائي ٻڌندا آهن. ان کان سواءِ اها به روايت آهي ته رات جو جنهن مهل چٻرو ٻوليندو آهي، ان مهل ڌاڳي کي جيتريون به ممڪن ٿي سگهن، ڳنڍيون ڏئي، اهو ٻار جي ڳچيءَ ۾ ٻَڌندا آهن يا چو واٽي جو سنئوڻ ڪندا آهن ته جيئن چور تپ کان ڇوٽڪارو ملي سگهي. مدي جي تپ ۽ سِلههَ ۾ به اڪثر رات جو بخار ٿيندو آهي، پر ٻهراڙين ۾ تشخيص ۽ علاج جون سهولتون نه هئڻ ڪري ماڻهو سمجهي نه سگهندا آهن ۽ اهڙا ٽوٽڪا ڪندا آهن نه ته اڄڪلهه هر مرض جي علاج لاءِ ڊاڪٽر ۽ دوائون موجود آهن.


لفظ چور تپھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو